فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، 1 اهلڪار شهيد

فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، 1 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي خيبر جي علائقي باڙا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڌماڪي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.فرنٽيئر ڪور اختيارين موجب چئن گاڏين تي ٻڌل ايف سي اهلڪارن جو قافلو سلوپ قلعي کان علي مسجد قلعي وڃي رهيو هو ته ملڪ دين خيل وٽ بارودي سرنگهه جو نشانو بڻجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو