فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو، 3 جوان شهيد، 3 دهشتگرد قتل

فورسز جو دهشتگردن سان مقابلو، 3 جوان شهيد، 3 دهشتگرد قتل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب 9 ۽ 10 جون جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان به شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي هنڌ جو پتو لڳايو.پاڪ فوج جي شهيدن ۾ صوبيدار اصغر علي، سپاهي نسيم خان ۽ سپاهي محمد زمان شامل آهن، صوبيدار اصغر علي شهيد جي عمر 40 سال هئي ۽ سندس تعلق لڪي مروت سان هو، سپاهي نسيم خان شهيد جي عمر 26 سال هئي ۽ ان جو تعلق لڪي مروت سان هو، سپاهي محمد زمان. شهيد جي عمر 22 سال هئي ۽ سندس تعلق ايبٽ آباد سان هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي شهيد جوانن جرئت ۽ بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، علائقي مان ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، پاڪ فوج دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فوج جون بي مثال قربانيون آهن. بهادر مردن مان اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو