فورسز جنهن طريقي سان ڀارت کي چيڀاٽيو  ان جو ڪو مثال ناهي

فورسز جنهن طريقي سان ڀارت کي چيڀاٽيو ان جو ڪو مثال ناهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جنهن طريقي سان اسان جي فوجن هندستان کي شڪست ڏني آهي اهو بي مثال آهي. اسان جي فوج هندستان کي تباهي واري انداز ۾ شڪست ڏني آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو نريندر مودي جهڙن دهشتگردن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو دنيا کي مودي جو اصل چهرو ڏيکاريو آهي. اڄ سڄو هندستاني عوام مودي تي تنقيد ڪري رهيو آهي.هن چيو ته اختلافن کي هڪ پاسي رکي اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ گهرجي، سنڌ جي وڏي وزير سڀني سياسي پارٽين کي هڪ اجلاس ۾ سڏايو.صوبائي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهيو آهي، اسان جي فوجن پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، اسان صرف امن چاهيون ٿا، پاڪستان هڪ متحد قوم آهي، اسان کي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو