فوج ۾ ڀرتين ۽ بورڊ ۾ انرولمينٽ بابت اهم اعلان

فوج ۾ ڀرتين ۽ بورڊ ۾ انرولمينٽ بابت اهم اعلان

سکر (بيورو رپورٽ) آرمي سليڪشن اينڊ رڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ ڪيپٽن طور شموليت اختار ڪرڻ لاءِ ليڊي ڪيڊٽ ڪورس انٽري 2021 جي آن لائين رجسٽريشن جي آخري تاريخ 24 ڊسمبر 2020 مقرر ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل ڪورس ۾ رجسٽريشن لاءِ آرمي سليڪشن اينڊ رڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي ٽيليفون نمبر 0715805599 ۽ موبائيل نمبر 03215399030 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو يا پاڪستان آرمي جي ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk  به وزٽ ڪري سگهجي ٿي. ****ٻئي پاسي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي ڊپٽي سيڪريٽري ون نصير احمد لغاري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سکر تعليمي بورڊ سان لاڳاپيل سمورن نجي شعبي جي اسڪولن ذريعي تعليمي سيشن 21-2020 جي امتحان ۾ حصو وڻ لاءِ انرولمينٽ فارم ۽ رجسٽريشن فارم وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2020 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. فارم فيس 100 رپيا، سمورن گروپن جي ريگيولر اميدوارن جي انرولمينٽ فيس 600 رپيا ۽ پرائيويٽ اميدوارن جي رجسٽريشن فيس 1200 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو