راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هدايت ڪئي آهي ته دهشتگردن کي ڪنهن به جاءِ تان فعال ٿيڻ نه ڏيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 264هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته افغانستان مان سرگرم دهشتگرد گروهه علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ خطرو آهن. فورم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهي دهشتگرد گروهه پاڪستان ۽ ان جي اقتصادي مفادن خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن، اهي دهشتگرد گروهه خاص طور سي پيڪ خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن. آرمي چيف ڪور ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن کي ڪنهن به جاءِ تان فعال ٿيڻ نه ڏيو، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سڄي قوم جي حمايت حاصل ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزا ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ نه گهٽي ته هڪ وڏو علائقائي تڪرار جنم وٺي سگهي ٿو. عسڪري قيادت پاڪ فوج خلاف الزامن تي ٻڌل مهم کي رد ڪندي فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ