راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي ساليمت جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فوج گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جو نبيرو چاهي ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ايل او سي جو دورو ڪيو، ايل او سي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آرمي چيف جو آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف کي ايل او سي تي مقرر فارميشنز جي آپريشينل تيارين بابت آگاهي ڏني وئي. آرمي چيف آپريشنل تيارين ۽ حوصلو بلند رکڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪرادر کي ساراهيو. آرمي چيف جوانن کي هوشيار رهڻ، لڳاءُ ۽ خلوص سان فرضن جي ادائيگي تي زور ڏنو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج مُلڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي ساليمت جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فوج يو اين ٺهرائن موجب ڄمو ن ۽ ڪشمير مسئلي جو نبيرو چاهي ٿي، ادارو ڪشمير جي حق خود اراديت واري ويڙهه جي حمايت لاءِ پرعزم آهي.










