راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪندي آهي، جلد درآمد ٿيل حڪومت کان جان ڇڏائي ويندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته امپورٽ حڪومت کان فرار جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اڍائي سئو جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن.هن چيو ته پاڪ فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪري ٿي ۽ جلد درآمد ٿيل حڪومت مان جان ڇڏائي ويندي جڏهن ته سپريم ڪورٽ مان جلد خوشخبري جي اميد آهي. شيخ رشيد چيو ته امپورٽ ٿيل حڪومت جي ڪا به آئيني قانوني حيثيت ناهي، اها حڪومت کليل سازش ذريعي ٺاهي وئي آهي. اڳوڻي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪاري خزاني جو بيجا استعمال ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، حڪومت کي هٿي نه ڏني پئي وڃي، هو اين آر او وٺڻ آيا هئا.










