فوج خلاف ڳالهائڻ وارا اسان کي غدار قرار ڏين پيا: اسد عمر

فوج خلاف ڳالهائڻ وارا اسان کي غدار قرار ڏين پيا: اسد عمر

اسلام آباد ( بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳوڻ اسد عمر چيو آهي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن ته پي ٽي آءِ فوج خلاف مهم هلائي، پي ٽي آءِ ڪائي مهم ناهي هلائي.بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي پريس ڪانفرس جو جواب ڏيندي اسد عمر چيو ته بچاءُ وارو اسان کي چئي رهيو آهي ته اسان محب وطن ناهيون، سندس بيان کِل جوڳو آهي، خواجا آصف ٻڌائي ته فلور آف دي هائوس تي فوج خلاف ڇو بيان ڏنو هو.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر مطالبو ڪيو ته جتي شهباز گِل کي رکيو وڃي ان جڳهه بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي، مٿس ڪنهن به قسم جي تشدد نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو