راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ننڍي چونڊ بابت پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو بيان سامهون آيو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ننڍي چونڊ واري ڏينهن پاڪ فوج جا دستا رڳو ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس طور ڊيوٽي ڏيندا. آءِ ايس پي آر موجب فوج جا جوان پولنگ دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ ذميواريون نڀائيندا. ياد رهي ته پنجاب جي 20 تڪن ۾ ننڍي چونڊ آچر 17 جولاءِ تي ٿيندي، اهي سيٽون پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ڦريل ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ تي خالي ٿيون هيون.










