سانگهڙ )نادر بڙدي)منگلي ٿاڻي جي حد سانگهڙ چونڊڪو روڊ ۔فوجي موڙ اسٽاپ ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار عورت نالي لاڏا چانڊيو عمر 50 سال موقعي تي فوت ٿي پئي جڏهن ته سندس پٽ ولي محمد چانڊيو عمر 28سال رهواسي هيڊ جمڙائو زخمي ٿي پيو جنهن کي سيول اسپتال سانگهڙ نيو ويو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٻنهي فوتين جو تعلق چانڊيا برادري سان آھي جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته هيڊ جمڙائو پي پي ايڇ آئي اسپتال وارن کي ورڪشاپ ٿاڻي جي انچارج طرفان لاش کڻڻ لائي ايمبولينس جي گزارش ڪئي وئي پر انتظاميا ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو وڌيڪ تنهن تي پوليس ٻنهي فوتين جي لاش گاڏي کڻائي اسپتال سانگهڙ پهچايه جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا هوڏانهن ٻنهي فوتين جالاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه آھي سگهيو.










