فوجي فائونڊيش مان 40 مقامي مزدورن جي برطرفي خلاف احتجاج

فوجي فائونڊيش مان 40 مقامي مزدورن جي برطرفي خلاف احتجاج

داد لغاري (نديم مھر ) فوجي فائونڊيشن پاور پلانٽ انتظاميه 40 کان وڌيڪ مقامي مزدور جبري طور برطرف ڪري ڇڏيا آهن. جنهن خلاف مزدور يونين پاران ڪمپني جي پلانٽ  اڳيان احتجاج ڪيو. احتجاج باوجود ڪمپني انتظاميه پنهجي هوڏ تي قائم رهندي احتجاج تي ويٺل مزدور اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ توڙي جبري برطرف ڪيل مزدورن کي بحال ڪرڻ سميت چارٽر آف ڊيمانڊ تي عمل ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن خلاف ضلع گھوٽڪي جي سڀني مزدور يونين جي اڳواڻن صادق لغاري، عمر شر،راحب علي، شھزادو علي، رانجھن سميجو، محمد نواز، عبدالمجيد سميجو، استاد رجب، غلام سرور سميجو ، دين محمد لکڻ  ۽ ظھور پتافي صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته فوجي فائونڊيشن مزدورن جو معاشي قتل ڪري رهي آهي. اسان جي احتجاج باوجود ڪمپني انتظاميه گذريل 5 ڏينهن کان هلندڙ  پرامن احتجاج ڪرڻ بعد اسان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. هنن چيو ته مزدورن سان ٿيندڙ زيادتين تي خاموش نٿو ويھي سگهجي ۽ فوجي فائونڊيشن انتظاميا ھر سال اھڙيون حرڪتون ڪري مزدورن کي برطرف ڪري ٿي ۽ مقامي ماڻهن جي جاءِ تي پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ٿو وڃي. اڳواڻن صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته هو مداخلت ڪري بنادير برطرف ٿيل مزدورن کي بحال ڪرائين.

پهنجو تبصرو موڪليو