لاهور (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي، فوجي اسٽيبلشمينٽ جي نه پر نالي سان آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جنرل جي مذمت ڪرڻ گهرجي.لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڀٽو جو ٽرائل فوجي عدالت نه پر سول عدالت ڪيو هو، جنهن بينچ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جو معاملو آيو،مان ان جو حصو هيس،مان جونيئر ترين جج هيس،اقليتي فيصلي جو حصو هيم، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان جمهوري طريقي سان حاصل ٿيو، ان تي پهريون حملو آئين ٽوڙڻ وقت ٿيو، جمهوريت تي پهريون حملو هڪ بيوروڪريٽ غلام محمد ڪيو، مولوي تميز الدين اسيمبلي ٽوڙڻ کي چيلينج ڪيو، جمهوريت تي ٽيون حملو ضياءُ الحق ڪيو، آئين کي ٽوڙيو ويو، پر سندس خلاف داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏني وئي ، چوٿون ڀيرو مشرف آئين ٽوڙيو، سپريم ڪورٽ به آئين ۾ ترميم جو اختيار مشرف کي ڏنو هو، پگھاردار شخص کي اختيار ڏيڻ وارا جج پاڻ پگھار وارا ملازم هئا. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جو چوڻ هو ته پاڪستان کي عدليه ۽ ايگزيڪيوٽو جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ فوج جي ضرورت آهي، پاڪستان کي عوام جي چونڊيل قيادت ذريعي حڪومت هلائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان مان جمهوريت کي هٽائڻ پٺڀرائي ۽ وطن دشمني آهي، سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي ، هن وڌيڪ چيو ته فرد جي ڪردار جي ڳالهه ڪريو، اداري تي تنقيد نه ڪريو، فوجي اداري جي نه پر آئين ٽوڙيندڙ جنرل جي مذمت ڪريون، آرٽيڪل 5 تحت مون سميت هرڪو قانون ۽ آئين جو پابند آهي، اسان کي عوام پگهار ڏي ٿو ،انفرادي طور تي اسان جو احتساب ڪري سگهن ٿا ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ وزير اعظم کي ان ڪري نااهل ڪيو ويو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي، توهان سچ نه ڳالهايو ته جيڪا پگهار وٺڻي هئي اها نه ٻڌائي، تنهنڪري اوهان سٺا مسلمان ناهيو، پوءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي، جي آءِ ٽي جو لفظ اڳ نه ٻڌو ويو. هن چيو ته ايگزيڪيوٽو ۾ آئون جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کي بليڪ لسٽ ۾ رکندو آهيان، پاڪستان جي پهرين ۽ ٻئين آرمي چيف کي وائيٽ لسٽ ۾ رکندو آهيان، ايوب خان پاڪستان جي آرمي چيف کان پلاٽ جو مطالبو ڪيو، بعد ۾ هن آرمي چيف کي هٽايو ويو ۽ پلاٽن جي سياست شروع ٿي، پاڪستان ۾ پلاٽن جي سياست تمام مشهور آهي.










