اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته موجوده سياسي بحران کي رڳو فوج ۽ سپريم ڪورٽ ئي ختم ڪري سگهي ٿي، کين اهو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته هن وقت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي، ان کان اڳ صدر عارف علوي به قدم کنيو هو.اسد عمر چيو ته صدر عارف علوي ڪوشش ڪئي پر هو ڪنهن به منطقي نتيجي تي نه پهتو.










