لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته فواد چوڌري کي بغير نمبر پليٽ جي اغوا ڪيو ويو، اها بزدلي آهي، فواد کي ائين حراست ۾ رکيو ويو جيئن دهشتگرد گرفتار ٿين.لاهور ۾ عمران خان جي گهر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته ٻڌايو ته فواد چوڌري کي ڪٿي رکيو ويو آهي.هن چيو ته تڪراري نگران وڏو وزير ان مقصد لاءِ مقرر ڪيو ويو، ٻڌايو ته ڇا مارشل لا لڳي ۽ ان جو اعلان ٿيڻو آهي.حماد اظهر چيو ته اعظم سواتي کي اٿاريو، ڇا سندس آواز کي دٻايو ويو، هي ظلم ۽ بربريت ختم ٿيڻ گهرجي.هنن چيو ته عمران خان جي رهائشگاهه ٻاهران خيما لڳايا ويا آهن، فواد چوڌري کي فوري طور آزاد نه ٿيڻ جي صورت ۾ هر چوڪ تحرير چوڪ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.










