اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي عدليه مخالف بيان تي توهين عدالت جي درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو وڪيل سليم الله خان ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت ۾ دليل ڏيندي هن چيو ته فواد چوڌري جي بيانن جو ٽرانسڪرپٽ درخواست سان ڳنڍيل آهي، جيڪو پڙهڻ چاهيان ٿو.درخواستگذار جي وڪيل سليم الله خان دليل ڏيندي چيو ته فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي توهين عدالت جي سزا نٿي ڏئي سگهجي، هو مقبول ليڊر آهي، فواد چوڌري جو بيان رڳو ڪنهن جج نه پر چيف جسٽس سميت پوري عدليه جي خلاف آهي.وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته فواد چوڌري جي توهين آميز بيان تي سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهين عدالت جي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟درخواستگذار جي وڪيل سليم الله خان چيو ته فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سياسي بيانن سان فيصلي تي تنقيد ڪرڻ توهين عدالت نه آهي، ڪيس جي ٻڌڻي لارجر بينچ ۾ ٿي رهي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.










