فواد چوڌري جي گرفتاري، پي ٽي آءِ جو ملڪ گير احتجاج جو فيصلو

فواد چوڌري جي گرفتاري، پي ٽي آءِ جو ملڪ گير احتجاج جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف فواد چوڌري جي گرفتاري ۽ حڪومت جي انتقامي ڪارروائين خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پارٽي جي سينيئر قيادت جو اجلاس اڄ زمان پارڪ لاهور ۾ طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان موجوده صورتحال تي جوابي حڪمت عملي لاءِ پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندو ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي ممڪن گرفتارين تي ردعمل جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي ويندي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ حڪومت پاران چونڊن ۾ دير جو معاملو به غور هيٺ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو