ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه فواد چوڌري بابت جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فواد چوڌري سياسي بيوه آهي ۽ هن وقت عدت جي حالت ۾ آهي. هن چيو ته فواد چوڌري شايد وساري ڇڏيو آهي ته سندس آقا (نيازي) ملڪ کي سنگين بحرانن ۾ آندو هو. هن چيو ته عمران اينڊ ڪمپني ملڪ کي جيڪو نقصان پهچايو اڄ ان خوفناڪ صدمي جا اثر ملڪ مٿان ڪارا ڪڪر بڻيل آهن. هن چيو ته فواد جو اهو بيان ته ملڪ کي آصف زرداري ۽ نواز شريف جي حوالي نٿو ڪري سگهجي ته پوءِ ان جو مطلب اهو آهي ته ملڪ کي هاڻي فواد جهڙي منڊي رانديگر حوالي ڪيو وڃي ته جيئن عوام ۾ جيڪا خوشحالي جي اميد جاڳي آهي اها به ختم ٿي وڃي. هن چيو ته شايد فواد چوڌري کي ڪجهه شرم اچي پر اها ڳالهه سندس طبيعت ۾ ناهي. ناصر شاهه چيو ته ڇا اهڙي سياستدان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو جيڪو پوليس کان اهڙي نموني ڀڄي ويو هجي جو عدالت پهچي بي هوش ٿي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ مان نڪرڻ کانپوءِ هو هاڻي پاڻ کي سياسي غازي سمجهي رهيو آهي. هن چيو ته سياسي اصطلاح ۾ هوءَ رڳو سياسي بيواهه چئي سگهجي ٿي ۽ هن وقت پاڻ کي سياسي عدت ۾ سمجهي ۽ اهو عرصو گذرڻ کانپوءِ شايد ڪو پسند نه ڪري. هن چيو ته فواد ۽ سندس پوئلڳ پنهنجي سياسي ساک ۽ حيثيت جيتري ڳالهه ڪن.










