اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي آمريڪي سفير سان ملاقات تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪي سفير مختلف سياسي پارٽين ۽ عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو رهندو آهي. فواد چوڌري جي ملاقات بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته هو ڪنهن گروپ يا فرد جي ڪنهن آمريڪي اهلڪار سان ملاقات جي تصديق نٿا ڪري سگهن.واضح رهي ته فواد چوڌري ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي هئي.ڳالهين دوران فواد چوڌري آمريڪي سفير سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته آمريڪي سفير سان منهنجي ملاقات ٿي، اها معمول جي ملاقات هئي.










