فواد جي ضمانت واري درخواست، اليڪشن ڪميشن جي استدعا رد

فواد جي ضمانت واري درخواست، اليڪشن ڪميشن جي استدعا رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن عدالت کان سڀاڻي تائين جو وقت طلب ڪيو. ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني سڀاڻي تائين مهلت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن پراسيڪيوٽر کي اڄ 12 وڳي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو