اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري نه ٿي سگهيا.اليڪشن ڪميشن هڪ صفحي تي ٻڌل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا فراهم نه ڪيا.اليڪشن ڪميشن سيل ٿيل رپورٽ سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر کي موڪلي ويندي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته پنجاب جي نگران حڪومت جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي لاءِ رڳو 75 هزار اهلڪار فراهم ڪري سگهجن ٿا، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 3 لک سڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ آهي.










