اسلام آباد (بيورو)مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ احسن اقبال آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.سياسي پارٽين وچ ۾ قومي مفاهمت بابت صحافي جي خبر جي ردعمل ۾ احسن اقبال چيو ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ڦاٿل تنگ ٿيندي ڏسي قومي مفاهمت جون تجويزون ڏئي رهيو آهي.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اين آر او کي پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪنهن قومي معاهدي ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.










