فنڊنگ ڪيس ثابت ٿيو ته عمران خلاف ڪاروائي ٿيندي: ڪنور دلشاد

فنڊنگ ڪيس ثابت ٿيو ته عمران خلاف ڪاروائي ٿيندي: ڪنور دلشاد

اسلام آباد (بيورو)اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ۽ منع ٿيل فنڊنگ هڪ ئي ڳالهه آهي. ۾ ڳالهائيندي ڪنور دلشاد چيو ته پابندي مڙهيل فنڊنگ سبب پارٽي جي رجسٽريشن به رد ٿي سگهي ٿي.ڪنور دلشاد وڌيڪ چيو ته ممنوع فنڊنگ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي منع ڪيل فنڊ ضبط ڪيا ويندا ۽ پارٽي نشان به واپس ورتو ويندو.اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري چيو ته پابندي مڙهيل فنڊنگ ثابت ٿي ته حقيقتون لڪائڻ تي چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو