ڪراچي(رپورٽر) بي بي آصفه ڀٽو زرداري نوجوانن خاص طور عورتن کي فني ۽ پيشه ورانه تربيت ۽ تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي ته نوجوان نسل لاءِ باوقار اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي استحڪام جي ضرورت آهي. آصفه ڀٽو زرداري اها ڳالهه نوديرو هائوس لاڙڪاڻي ۾ زيبسٽ/زيبٽيڪ جي سهڪار سان زيبسٽ فائونڊيشن پاران ترتيب ڏنل هينڊلوم ويونگ ٽريننگ جي تربيت يافته ماڻهن جي گريجويشن تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ چيئرپرسن زيبسٽ فائونڊيشن کان علاوه آصفه ڀٽو زرداري محترمه فريال ٽالپور (ميمبر زيبسٽ فائونڊيشن بورڊ)، ڊائريڪٽر زيبسٽ زيبٽيڪ محترمه وحيده مهيسر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ پارٽي جي ٻين عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. زيبسٽ فائونڊيشن جي تحت 60 تربيت حاصل ڪرڻ وارن عورتن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا جنهن ۾ 4 مهينن جي هينڊلوم ويونگ ٽريننگ مڪمل ڪئي. تربيت حاصل ڪرڻ وارن کي کي هينڊلوم ۽ ٽبليٽ ڊيوائسز پڻ ڏنا ويا جيڪي هڪ ڪسٽم ايپلي ڪيشن تي مشتمل آهن ته جيئن هو فوري طور تي پنهنجي آن لائن ڪاروبار شروع ڪري سگهن. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته زيبسٽ فائونڊيشن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي ڀاءُ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. زبيٽيڪ ۽ زيبسٽ فائونڊيشن فني ۽ پيشورانه تربيت ۽ تعليم جي ذريعي ٻهراڙي عورتن جي بهتري، نوجوانن خاص طور عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پروگرام جاري رکڻ جا خواهشمند آهن. هي قدم نوجوانن لاءِ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي وڏي مدتي سماجي ۽ اقتصادي استحڪام لاءِ سڀ کان قابل اعتماد ذريعا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي هڪ پائلٽ پراجيڪٽ آهي ۽ ان طرح جي ٻين پراجيڪٽس کي زيبسٽ فائونڊيشن جي ذريعي شروع ڪيو ويندو ۽ ان ۾ اضافو ڪيو ويندو. ” زيبٽيڪ زيبسٽ فائونڊيشن جي سهڪار سان، سنڌ جي 60000 کان وڌيڪ پوئتي پيل نوجوانن جي زندگيون تبديل ڪري ڇڏيون آهن. اسان جو مشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته پاڪستان جي نوجوانن کي روزگار جي منڊي ۾ هنرمند ليبر جي ڊمانڊ کي پورو ڪرڻ لاءِ مناسب تربيت فراهم ڪئي ويندي. زيبسٽ فائونڊيشن جو حصو ٿيڻ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي مطابق پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ اچڻ فخر جو لمحو آهي“ ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر ۽ ايم پي اي محترمه فريال ٽالپر زيبسٽ ۽ زيبٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تمام گهڻي سرگرم رهي آهي، چاهي اها معاشي طور تي بااختيار هجي، سماجي بااختيارگي بڻائڻ هجي يا سياسي بااختيار بڻائڻ هجي. سنڌ جي نوجوانن، خاص ڪري عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ فني ۽ پيشه ورانه ٽريننگ جي سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا نوجوان ٽيلنٽ سان ڀرپور آهن ۽ سنڌ جي ڌرتي انهن لاءِ ڪيترائي موقعا فراهم ڪري رهي آهي. ڊائريڪٽر زيبسٽ زيبٽيڪ چيو ته فني ۽ پيشه ورانه ئي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو واحد حل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي ڪاميابين جي تقليد ڪرڻ چاهي ٿو ته ان شعبي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ هن ٽريننگ جي ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ تي شاگردن کي مبارڪباد ڏني ۽ مالي سهڪار تي زيبسٽ فائونڊيشن جو شڪريه پڻ ادا ڪيو..










