فلم ”زومبيڊ“جي ڪاميابي جو سفر جاري، 35 ڪروڙ ڪمائي ورتا

فلم ”زومبيڊ“جي ڪاميابي جو سفر جاري، 35 ڪروڙ ڪمائي ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)”جيو فلمز“ ۽ فلم والا پڪچرز جي گڏيل پيشڪش فلم ”زومبيڊ“ (ZombEid) جي ڪاميابي جو سفر اڃا تائين جاري آهي.عيد الاضحيٰ تي رليز ٿيندڙ فلم اڃا تائين ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي ۽ سينما گهرن جي ٻاهر فئمليز جو وڏو رش موجود آهي.فلم ”زومبيڊ“ چند ئي ڏينهن ۾ 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو شاندار بزنس ڪري باڪس آفيس تي پنهنجو سڪو ڄمائي ورتو آهي.فلم هڪ طرف پاڪستان ۾ ڪاميابيون سيمٽي رهي آهي ته ٻئي طرف عالمي سطح تي پڻ هن فلم کي خوب سراهيو پيو وڃي.”زومبيڊ“ جي منفرد ڪهاڻي، سنسني سان ڀرپور منظرن، جديد ويژول ايفيڪٽس ۽ فنڪارن جي جاندار اداڪاري کي نقادن توڙي شائقين پاران ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو