مبارڪپور(قربان علي مهر) سماجي اڳواڻ حافظ محمد عثمان ڀٽو جي اڳواڻي ۾ رائيز نالي فلاحي اداري جي هيڊ الياس پٽيل، محبت کهڙو ۽ غلام محمد سومرو پاران سکر جي ڪئنال متاثر 500 خاندانن ۾ گرم ڪمبل، سويٽر ۽ مهيني جو راشن تقسيم ڪيو ۽ ساڻن همدردي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سردي تمام گھڻي آھي ھنن ڪئنال متاثر خاندانن کي رھائش جو متبادل انتظام ڪري ڏنو وڃي.










