فطري حُسن رکندڙ ڪارونجهر جبل جي غيرقانوني ڪٽائي جاري

مٺي (لياقت نھڙيو) فطري حسناڪي سان ڀرپور ڪارونجهر جبل جي قيمتي  پٿر کي غيرقانوني طور مختلف ڪمپنين پاران ڪٽائي جاري آهي جنهن ڪري ڪارونجهر جبل جي حسناڪي ۽ فطري بيهڪ خطري ۾ پئجي وئي آھي. ڪارونجهر جبل جي مختلف حصن  مان جبل جي ڪٽائي ڪري ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي ٺهندڙ ننڍن ڊيمن جي پچنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ گڏوگڏ اهو قيمتي پٿر مختلف توڊن ۾ پڻ کڻي استعمال ڪيو پيو وڃي.

 ياد رهي ته ڄاڻايل جبل فطري حسناڪين ۽ تراشين سان گڏ پاڻي جي بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آھن جنهن تان صاف پاڻي وهي ڳوٺاڻن پاران پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ٺاهيل تلائن ۾ گڏ ٿيندو آھي. ٻئي طرف ٿرپارڪر جي سڄاڻن ڌرين ڪارونجهر جي ڪٽائي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ڪارونجهر جبل ٿر جو اثاثو آھي جنهن جي ڪٽائي ڪري انهي جي سُونهن کي اجاڙي پئي وڃي جنهن سان انهي جي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي. لاڳاپيل اختياريون فوري طور نوٽيس وٺي ٿر جي فطرت سان ٿيندڙ هٿ چراند بند ڪرائن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو