اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ڌمڪي واري بيان سان وڌيڪ انتشار پيدا ٿيندو.اها ڳالهه عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد پاران جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي.هن چيو ته چاڪليٽ وڪرو ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اٽي ۽ گيهه جو قحط ٿيڻ وارو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا واڌ قوم سان مذاق آهي.شيخ رشيد چيو ته حڪمرانن جا ذاتي ڪارخانا ٺيڪ آهن، غريبن جو گهر تباهه ٿي ويو آهي، خام مال تي پابندي سان ايڪسپورٽ 25 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 38 سيڪڙو اضافو ٿيندو، ڪرنسي گهٽجي ته نه رڳو مهانگائي پر معيشت جو ڦيٿو به جام ٿي ويندو.شيخ رشيد احمد جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن همت آهي ته وزير پي ٽي ايم بدران عوام کي صفائي پيش ڪن، هر مهيني 200 فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، 100 سيڪڙو ڏوهه وڌي ويا آهن.










