ڳڙهي ياسين (ن س) ڳوٺ پتافي ۾ اوڍا ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين حاجي اوڍو ۽ علي حسن معرفاڻي ۾ چوپايو مال زمين ۾ گهرڻ تان جهيڙو ، لٺين ڪهاڙين جو آزادانا استعمال ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب وسيم اوڍو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڪهاڙي ۽ لٺيون لڳڻ سبب حاجي اوڍو پڻ زخمي ٿي پيا. اوڍا برادري جي مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي محمد عرس اوڍو جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس هاوي تي روڪاوٽون رکي روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويو ن، مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو ان موقعي تي ،وڏيرو اياز اوڍو ، شوڪت اوڍو ، نور اوڍو ، مسمات حاجاڻي ، نازل خاتون ، قائمه خاتون ۽ ليلا خاتون دانهيندي چيو ته معرفاڻي برادري 8 سال اڳ بغير ڪنهن ڏوهه جي اسان جو نوجوان رانجهن کي قتل ڪيو هو ۽ مسلسل اسان جي زمينن مان ان چوري ڪندا رهن ٿا ۽ چوپائي مال کي اسان جي زمينن ۾ ڇڏي اسان جي فصلن جو نقصان ڪرائي رهيا آهن.

اڄ به معرفاڻين جو چوپايو مال اسان جي فصلن جو نقصان ڪري رهيو هو منع ڪرڻ تي هنن اسان مٿان حملي ڪري ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي زخمي ڪرڻ کان پوءِ اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان وسيم اوڍو کي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا پولس کي اطلاع ڪيو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي هنن چيو ته پوليس معرفاڻي ڌر جا ماڻهون گرفتار ڪرڻ جا اسان کان رشوت گهري رهي آهي 3 ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي بعد ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين پهتو جنهن مظاهرين سان ڌرڻو ختم ڪرڻ ۽ روڊ کولڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون پر اوڍا برادري جي ماڻهن ڊي ايس پي جي هڪ به نه ٻڌي جنهن بعد اسپيشل ٽيم جي سڪندر چانڊيو پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو.










