فساد چوڌري فضل الرحمان کي اليڪشن جو چئلينج ڪري پيو:حافظ

فساد چوڌري فضل الرحمان کي اليڪشن جو چئلينج ڪري پيو:حافظ

اسلام آباد(بيورو)پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته توشه خانو چور ۽ پرديسي جي اسڪريپ تي رهندڙن کي ضمني اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو.اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ حافظ حمدالله فواد چوڌري کي جواب ڏيندي کيس سياسي فسادي قرار ڏنو.هن چيو ته سياسي اسڪينڊل چوڌري، مولانا فضل الرحمان کي چيلينج ڪري رهيو آهي ته عمران نيازي خلاف اليڪشن وڙهندو.حافظ حمدالله چيو ته هڪ طرف اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهيون ته ٻئي طرف اليڪشن ۾ حصو وٺڻ سياست نه پر منافقت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو