اسلام اباد(بيورو رپورٽ) فريال ٽالپر کي عيد رات اوچتو اسپتال مان جيل منتقل ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني، سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙو، سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين پاران حڪومتي عمل جي سخت مذمت، هي انتهائي غير انساني ۽ بدترين انتقامي عمل آهي. بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڇا ڪوئي قانون اجازت ڏئي ٿو ته ڊاڪٽرن جي صلاح جي ابتڙ ڪنهن عورت کي اڌ رات جو جيل منتقل ڪري سگهجي ٿو؟ هن جي تفسيلي ڇڪاس لاءِ ڊاڪٽر آصف جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ مختلف ٽيسٽ ڪرايون ۽ ڊاڪٽرن کيس اسپتال ۾ رکڻ لاءِ چيو هو، هن جون ٽيسٽون ٿيون هيون جن ۾ دل، شگر، رت ۽ پيساب جون ٽيسٽون به شامل آهن. جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ گذريل جون کان نيب هٿان گرفتار فريال ٽالپور کي ڪالهه فود پوائزننگ جي ڪري تڪليف ٿي هئي جنهن بعد نيب وارن کيس پولي ڪلينڪ ۾ داخل ڪيو هو. نيب وارن کيس اسپتال مان منتقل ڪرڻ ڇاهيو پر ڊاڪٽرن کيس داخل ڪيو هو. جمع تي بلاول، بختاور ۽آصفا ساڻس ملاقات ڪري عيادت ڪئي هئي. بلاول نيب جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ڊاڪٽر چون ٿا کيس داخل ڪريو پر نيب وارا واپس وٺي وڃڻ چاهن ٿا. ذريعن موجب سندس طبيعت ۾ ڪجهه بهتري اچي پئي. اسلام آباد جي چيف ڪمشنر پولي ڪلينڪ جي جنهن وارڊ ۾ هوءَ داخل آهي ان کي سب جيل قرار ڏنو هو. نيب جا ڪجهه آفيسر وارڊ ۾ هر وقت موجود آهن ۽ پوليس اسپتال جي ٻاهر موجود آهي.










