فرد جرم، عمران جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

فرد جرم، عمران جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توشه خانه ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف فرد جرم جي ڪارروائي نه ٿي سگهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج ظفر اقبال عمران خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي چئن وڪيلن عدالت ۾ پنهنجا قانوني نمائندا جمع ڪرايا.ٻڌڻي جي شروعات تي عمران خان طرفان طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن؟ ان تي عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان چيو ته عمران خان جا ضمانتي مچلڪن ڪالهه جمع ڪرايا هئا. عدالت چيو ته جيڪڏهن اهڙي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ٿيندي رهي ته فرد جرم ڪيئن لاڳو ٿيندي؟ عمران خان جي وڪيل علي بخاري اعتراض واريندي چيو ته اسان کي تصديق ٿيل ڪاپيون فراهم نه ڪيون ويون، واٽس ايپ جا اسڪرين شاٽ نه ڏنا ويا، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي تصديق ٿيل ڪاپيون عدالت ۾ فراهم ڪيون آهن.عدالت سمورن ثبوتن جي تصديق ٿيل ڪاپيون عدالت ۽ پي ٽي آءِ کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اڄ شڪايت ۽ ثبوتن جون تصديق ٿيل ڪاپيون فراهم ڪنداسين. استثنيٰ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عمران خان اڃا تائين عدالت ۾ ڇو نه آيو آهي؟ اسان عمران خان کي ڪنٽينر تي رقص ڪندي ڏٺو آهي.عمران خان جي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي بيان تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا بيان نه ڏنا وڃن جنهن مان لڳي ته جوابدارن جو ڪم ٿي رهيو آهي.جج پڇاڻو ڪيو ته ڪا تاريخ ٻڌايو عمران خان ڪڏهن عدالت ۾ ايندو؟ ان تي سندس وڪيل چيو ته عمران خان جي صحت اجازت ڏني ته هو اچي ويندو.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو، جنهن ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌڻي ڪندي سندس درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو