ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ۽ باهه لڳڻ ڪيس ۾ فردوس شميم کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي خلاف باهه ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس فردوس شميم کي عدالت ۾ پيش ڪيو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته فردوس شميم ماڻهن کي اشتعال ڏياريو، اڳواڻن جي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.جاچ آفيسر فردوس شميم جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.










