فرخ حبيب جي عبوري ضمانت واري درخواست خارج

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب جي عبوري ضمانت جي درخواست عدم اطمينان جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي معافي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت جي آءِ ٽي ٺاهي هئي، جوابدار جاچ ۾ شامل ناهن.عدالت زبير نيازي ۽ ياسمين راشد سميت ٻين جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻين 3 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 7 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو