گوجرانوالا: (ويب ڊيسڪ) عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي خلاف گوجرانوالا ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.گوجرانوالا ۾ فرح گوگي ۽ ان جي مڙس خلاف غيرقانوني تعميرات جي ڪيس کان پوءِ جي ڊي اي طرفان رات دير سان فرح گوگي جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ آپريشن ڪيو ويو. جي ڊي اي ميونسپل ڪارپوريشن پوليس سان گڏ رات دير سان گرينڊ آپريشن ۾ حصو ورتو.گوجرانوالا ۾ فرح گوگي ۽ احسن گجر خلاف غيرقانوني تعميرات تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سوسائٽي جا غيرقانوني روڊ ۽ آفيسون مڪمل طور تي سيل ڪيون ويون آهن. ڪيس جي ڊي اي کاتي جي ڊائريڪٽر انفورسمنٽ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. ڪيس هڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ منظور ٿيل نقشي جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪيو ويو.داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب هائوسنگ سوسائٽي جي پبلڪ پارڪ جي جڳهه غيرقانوني قبرستان ٺاهيو ويو. پارڪ ۽ ڪمرشل ايريا جو نقشو تبديل ڪري رهائشي پلاٽ ٺاهيا ويا. سرڪاري پلاٽن تي به غيرقانوني تعميرات ڪرائي وئي.










