اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو پنهنجي لاهور آفيس کي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ساهيري فرح عرف گوگي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن بابت جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمدن جي ذريعن کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ جي نقطن تي سندس خلاف جاچ ڪئي ويندي. فرح گوگي جيڪا شهزادي فرح به سڏائيندي آهي، اها عمران خان جي حڪومت ختم ٿين کان اڳ دبئي هلي وئي هئي سندس مڙس آمريڪا ۾ آهي. سندس خلاف اهي خبرون به آيون ته هن پنجاب ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ تي اربين روپيا ڪمايا آهن.










