فرحان اختر به شبانه اعظمي جي ڊانس جو ديوانو نڪتو

فرحان اختر به شبانه اعظمي جي ڊانس جو ديوانو نڪتو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سينيئر اداڪاره شبانه اعظمي گذريل ڏينهن پنهنجي 72 هين سالگرهه ملهائي هئي ۽ ان موقعي تي سندس سوتيلا پٽ فرحان اختر سندس لاءِ پيار ڀريو پيغام شيئر ڪيو آهي.فرحان اختر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شبانه اعظمي سان شادي جي تقريب جي هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي.هن تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”توهان کي جنم ڏينهن جون واڌايون.هن وڌيڪ لکيو ته ”مان توهان جي ڊانس جو تڏهن کان ديواني آهيان جڏهن کان مون فلم پورورش ڏٺو ۽ ان لمحي کي ساراهيو جڏهن آخرڪار اسان گڏجي ڊانس ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو