فخرالزمان مسجد نبوي مان تصوير شيئر ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر فخر زمان مديني منوره مان پنهنجي تصوير شيئر ڪئي.رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني جي آمد سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي ويا آهن.هن وقت قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، آل رائونڊر فهيم اشرف، فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ افتخار احمد سميت سعودي عرب ۾ موجود آهن ۽ هاڻي فخر زمان به عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي ۽ هو مديني منوره روانو ٿي ويو آهي. سندس تصوير پڻ شيئر ڪئي.ان کان اڳ فاسٽ بالر حارث رئوف مسجد الحرام مان پنهنجي تصوير شيئر ڪئي، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم به مديني منوره مان پنهنجي تصوير شيئر ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو