فتح محمد ماڇي جو پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار، ڇت ناڪارا بڻيل

فتح محمد ماڇي جو پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار، ڇت ناڪارا بڻيل

سجاول ( ن س) سجاول ٻڍو ٽالپر لڳ ڳوٺ فتح محمد ماڇي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار، ڇت مڪمل ناڪارہ بڻيل، ڳوٺاڻن جو سنڌ سرڪار کان اسڪول جي نئين سر مرمت ڪرائن جو مطالبو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي استاد زڪريا لوهار صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ڳوٺ فتح محمد ماڇي جي واحد گورنمينٽ پرائمري اسڪول آھي جيڪو گذريل ڪافي سالن کان زبون حالي جو شڪار آھي جنھن جي بلڊنگ ھن وقت مڪمل ختم ٿي چڪي آھي جيڪا ڪنھن بہ وقت ڪري تباھ ٿي وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي. ھنن ٻڌايو تہ اسڪول جا در ۽ دريون ٽٽي ڪري تباھ ٿي ويا آھن ان سان گڏ اسڪول ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪابه سھولت موجود ناھي فرنيچر، واشروم، بائونڊري سميت سمورو اسڪول مڪمل طور تي تباھي جي ورچڙھي ويو آھي ھن وقت اسڪول ۾ 82 جي لڳ ڀڳ شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا آھن پر اسڪول جي بلڊنگ ناڪارہ ھئڻ ڪري اسان کي خدشو آھي تہ بلڊنگ ڪنھن بہ وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿو ھنن ٻڌايو تہ مذڪورہ اسڪول جي بحالي لاءِ اسان ڪافي ڀيرا منسٽرن، تعليم کاتي سان لاڳاپيل سمورن ادارن کي لکتن ۾ آگاھ پڻ ڪيو آھي پر اڃان تائين اسڪول جو ڪوبہ کڙتيل ناھي نڪتو ھنن وزير اعظم پاڪستان، وزير اعليْ سنڌ، وزير تعليم سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور اسڪول جو نئين سر مرمتي ڪم ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو