فاطما جي قبر ڪشائي، لاش جو معائنو ۽ گهربل جزا حاصل

فاطما جي قبر ڪشائي، لاش جو معائنو ۽ گهربل جزا حاصل

نوشهروفيروز/خانواهڻ (رپورٽ منظور ملڪ ۽ عاجز امتياز نوح پوٽو) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ وحشياڻي تشدد بعد قتل ڪيل 10 سالن جي نينگري فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ٽيم قبرستان پهچي وئي آهي. قبر ڪشائي بعد نينگري جي لاش جي مختلف حصن مان فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا ويا آهن. نگران وزير اعلي جسٽس (ر) مقبول باقر پاران فاطما قتل ڪيس جي ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪراچي جي وڌيڪ ٻن ميمبرن کي شامل ڪرڻ بعد پوليس سرجن ڪراچي ڊاڪٽر سيما ۽ ڊائو يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر زڪي الدين قبر ڪشائي واري ھنڌ پھچي ويا ۽ پنھنجي نگراني ۾ پوسٽ مارٽم جا جزا حاصل ڪري ورتا ڊي جي هيلٿ سنڌ پاران جوڙيل ٽيم جا ميمبر به موجود هئا جن پوسٽ مارٽم ڪيو. خانواهڻ مان سنڌيار جي نمائندي موجب ٽيم جي سربراهه پي ايم سي نوابشاهه جي ڊاڪٽر اقبال مهر صحافين کي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي ۽ ورتل جزا فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويندا ۽ هڪ هفتي اندر ميڊيڪل رپورٽ ايندي. ان موقعي تي   فاطمه جي قبر جي احاطي کي قنات سان ڍڪيو ويو هو.

Photo Sindhyar

قبر ڪشائي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ضلعي نوشهروفيروز ۽ خيرپور جي پوليس جي وڏي نفري قبرستان جي چوڌاري موجود آهي.

Photo Sindhyar

ڊي جي هيلٿ پاران جوڙيل ميڊيڪل بورڊ فاطمه جي مڙهه قبر ڪشائي لاءِ ڳوٺ پهچي ويو. نوابشاهه اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي. نوابشاهه اسپتال جو فرانزڪ ماهر، پروفيسر پيٿالاجي ۽ نوشهروفيروز اسپتال جو سينيئر ميڊيڪل آفيسر به گڏ آهن.سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ به قبر ڪشائي لاءِ گڏ آهن.

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو