فاريسٽ ٽيم پشاور جو وفد لنگهه ڍنڍ پهچي پکين بابت ڄاڻ ورتي

فاريسٽ ٽيم پشاور جو وفد لنگهه ڍنڍ پهچي پکين بابت ڄاڻ ورتي

پکو(عبدالوحيد ميئو) شهر ڀرسان واقع تاريخي ماڳ لنگھ ڍنڍ تي فاريسٽ ٽيم پشاور جو وفد پھچي تاريخي ماڳ جو دورو ڪري پرڏيھي پکين متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي. ان ڏس ۾ فاريسٽ آفيسر سھيل احمد ۽ عورت آفيسر ميمونه ولي جي اڳواڻي 62 فاريسٽ ملازم ۽ عملي سميت قافلي جي صورت ۾ لنگھ ڍنڍ پھچي ڍنڍ تي آيل سائبيرين ۽ روس جي پرڏيھي ناياب پکين متعلق ريسرچ ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي وائيلڊ لائيف لنگھ ڍنڍ انچارج شير محمد مغيري جي گائيڊ ڪرڻ تي پرڏيھي پکين جي آمد ۽ واپسي بابت اھم معلومات حاصل ڪئي ۽ پرڏيھي پکين جي فوٽو گرافي پڻ ڪئي. وفد کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جوڙايل ريسٽورنٽ جو دورو پڻ ڪرايو ويو جنھن ۾ وقت جي حڪمرانن جنرل ايوب خان، اسڪندر مرزا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ٽڪا خان سميت پرڏيھي سربراھن ياسر عرفات، رضا شاھ پھلوي، موسي’ طيب اردگان جون ناياب تصويرون پڻ ڏيکاريون ويون ۽ لنگھ ڍنڍ جي تاريخ تي روشني پڻ وڌي وئي. ان حوالي سان فاريسٽ عورت آفيسر ميمونه ولي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پشاور يونيورسٽي کان عملي جي وفد سان ھن تاريخي ڍنڍ تي پھتا آھيون جتي اسان کي وائيلڊ لائيف کاتي جي انچارج جي تعاون سان پرڏيھي ناياب نسل جي پکين ۽ ھن ڍنڍ جي تاريخ متعلق ڄاڻ ڏني وئي آھي. اسان جي دوري جو مقصد ملڪ اندر تاريخي ڍنڍ جي وزٽ ۽ اتي ايندڙ پرڏيھي ناياب پکين جي تحفظات ۽ واڌ ويجھ لاءِ ريسرچ ڪري رپورٽ تيار ڪرڻي آھي ان سلسلي ۾ اسان جو وفد 8 جنوري کان نڪتل آھي ۽ پنجاب جي راجستان جي ڍنڍ جي وزٽ ڪرڻ بعد سنڌ پھتا آھيون ۽ شيڊول مطابق لنگھ ڍنڍ جو دورو ڪيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته فاريسٽ عملي ۾ ٽريننگ ھيٺ سي سي ٽو رينج جا آفيسر شامل آھن جن کي  عملي مشق ڪرائڻ لاءِ ڍنڍن جا دورا شروع ڪيا آھنن جتي ناياب نسل جي پکين ۽ ٻوٽن جي ڄاڻ ڏئي کين سينيئر ڪورس ۾ شامل ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڍنڍن جي تاريخ ڪتابن ۾ پڙھي ھئي پر اڄ دورو ڪري حقيقت حاصل ڪئي آھي. لنگھ ڍنڍ تي پرڏيھي پکين جي واڌ ويجھ ڏسي لڳي رھيو آھي ته ھي ماڳ محفوظ آستانو آھي. ھوڏانھن فاريسٽ ٽيم جي وفد جي آمد تي سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا ۽ لنگھ ڍنڍ طرف ايندڙ رستن جي چوڪسي پڻ ڪئي وئي ھئي آخر ۾ آيل وفد سيڪيورٽي ھيٺ لاڙڪاڻو طرف  روانو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو