فائر وال يا ويب مينيجمينٽ به سست انٽرنيٽ جو سبب آهي

فائر وال يا ويب مينيجمينٽ به سست انٽرنيٽ جو سبب آهي

اسلام آباد (بيورو) اسٽينڊنگ ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي چيئرمين امين الحق چيو آهي ته فائر وال يا ويب مينيجمينٽ سسٽم جي ڪري انٽرنيٽ جي رفتار ڪٿي ڪٿي سست ٿي وئي آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي امين الحق چيو ته اسان انٽرنيٽ جي سست رفتار تي لاڳاپيل ماڻهن کي فون ڪيو هو، انٽرنيٽ جي سست رفتاري سب ميرين ڪيبل جي خرابي آهي، فائر وال يا ويب مئنيجمينٽ سسٽم جي ڪري ڪٿي ڪٿي انٽرنيٽ به سست ٿي وئي آهي.اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب ٽيلي ڪام سيڪٽر کي 30 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته گهرن ۽ ڪال سينٽرن تان ڪم ڪندڙ فري لانسرز جي نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي.امين الحق چيو ته جيڪڏهن پي ٽي اي انٽرنيٽ جي سستي بابت اڳ ۾ ئي آگاهه ڪري ها ته اهو مسئلو نه پيش اچي ها، اميد آهي ته 27 آگسٽ کانپوءِ انٽرنيٽ بهتر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو