جهڏو )ن سنڌيار)عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي غير ملڪين کي ڏيھ نيڪالي ڏيارڻ ۽ بلال ڪاڪا سميت سمورن بيگناھ قتل ڪيل سنڌين جي خون سان انصاف لاء احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ عوامي تحريڪ جهڏو پاران عوامي نگر پاڙو کان احتجاجي ريلي اياز کوسو مهراڻ درس اشرف رند ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو اسمائيل پتافي رمضان ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ جهڏو اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي مظاهرين کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مارشلائن توڙي ڪوڙين جهموريتن جي دورن ۾ سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي حيدرآباد سکر ميرپور خاص ۾ افغانين بيهارين بنگالين ۽ ٻين صوبن جي لکين ماڻهن کي باقاعدي منصوبي تحت آباد ڪيو ويو جنهنڪري سنڌ ۾ هٿيارن منشيات ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙا ڏوھ عام ڪيا ويا ۽ سنڌ جو امن امان خراب ڪري بدامني پيدا ڪئي وئي ۽ هاڻي اهي پناهگير ڌرتي ڌڻين تي حملا ڪري خوف ۽ حراس ڦھلائي رهيا آهن ۽ سنڌين جي ملڪيتن ڪاروبار روزگار ۽ تعليم تي قبضا ڪري رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ طرفان افغان ڀڳوڙن خلاف شروع ڪيل جدوجھد کان خوفزده ٿي پ پ جي فاشسٽ حڪومت عوامي تحريڪ نوشھرو فيروز جي اڳواڻ لطيف ڀٽي ۽ سندس پٽ تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي کين گرفتار ڪيو آھي جنھن جي مذمت ڪريون ٿا هنن گهر ڪئي ته سنڌ ۾ غير قانوني رهايل غير ملڪين پناهگيرن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ڏيھ نيڪالي ڏني وڃي ۽ نادرا جي ڪرپٽ عملدارن کي گرفتار ڪري لکين ماڻهن کي غير قانوني شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ملڪ دشمن عناصرن کي ملڪي شهريت ڏئي ملڪي سالميت داء تي لڳائڻ جي ڏوه جا غداريء جا ڪيس داخل ڪري سزا ڏني وڃي ۽ افغانين سميت ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ذاتي ملڪيتن ٺاهڻ ۽ زمين خريد ڪرڻ جو حق نه ڏيڻ جهڙو اسيمبليء ۾ بل پاس ڪري سنڌين کي هميشا لاء اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ هي احتجاج جاري رهندو جيستائين سنڌ ۽ ملڪ جي سالميت لاء گهربل قدم نٿو کنيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ اڳي ئي عالمي مالياتي ادارن جو مقروض بنجي معاشي بدحاليء جي ور چڙهي ويو آهي جنهنڪري مقامي ملڪي عوام کي گهربل سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن انڪري غير ملڪين کي فورن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۽ صوبن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ مهنگائيء جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ ملڪ جي عوم کي بدحاليء ۽ بدامنيء کان بچايو وڃي۔










