غير مشروط معافي قبول، توهين عدالت ڪيس ختم

غير مشروط معافي قبول، توهين عدالت ڪيس ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ وزيراعظم جي معاون خصوصي ڊاڪٽر عاشق فردوس اعواڻ جي توهين عدالت ڪيس م غير مشروط معافي جون درخواستون قبول ڪندي شو ڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي شروع ڪئي ۽ پڇيو ته غلام سرور خان ڪٿي آهي، سندس وڪيل چيو ته ساڍي ڏهين جو وقت آهي رستي ۾ آهي پهچي ويندو. عدالت ڪجهه دير لاءِ ٻڌڻي موخر ڪئي جنهن بعد وزير پهچي ويو ته ٻيهر سماعت شروع ٿي. چيف جسٽس کين چيو ته اوهين رياست جا نمائندا آهيو ۽ اوهانجي تبصرن سان ادارن جي اعتماد بابت سوال اٿن ٿا. هن چيو ته غلام سرور خان کي مان داد ڏيان ٿو جنهن تسليم ڪيو ته سندس بيان سياسي هو. جج صاحب چيو ته سياسدانن جو ڪم آهي ته هو ادارن تي عوام جو اعتماد پختو ڪن ۽ ادارن کي تڪراري بنائڻ کا پاسوڪن. چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندس اهو ضرور پڙهجو ۽ ان تي عمل ڪريو. ياد رهي ته ميان نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت بابت شهباز شريف پاران داخل ڪيل درخواست تي هنن عدليه تي تنقيد ڪندي چيو هو ته موڪل واري ڏينهن عدالتي وقت کان بعد ۾ سماعت ڪندي نواز شريف کي رليف ڏيڻ مان لڳي ٿو ته ڊيل ٿي آهي. جنهن تي عدالت کين توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو