غير قانوني ڀرتي ڪيس ۾ الاهي ۽ ڀٽي کان جواب طلب

غير قانوني ڀرتي ڪيس ۾ الاهي ۽ ڀٽي کان جواب طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ غير قانوني ڀرتين بابت ڪيس ۾ پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالتِ عظمىٰ ٽرائل ڪورٽ کان ڪيس جي اڳڀرائي جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت ان ئي ڪيس جي شريڪ جوابدار راءِ ممتاز جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. پنجاب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي ضمانت کانپوءِ مبينا طور تي ضمانت جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا عدالتي ٻڌڻين مان غير حاضر رهيا آهن. هن موقف اختيار ڪيو ته ٻئي جوابدار 18 ڀيرا عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا، جنهن جي ڪري ٽرائل جو عمل دير جو شڪار ٿي رهيو آهي، عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته مسلسل غير حاضري جي ڪري ڪيس جي ڪارروائي متاثر ٿي رهي آهي. پوءِ سپريم ڪورٽ پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي کي نوٽيس جاري ڪندي کين وضاحت طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو