غير قانوني  طور رهندڙ افغاني رهواسين جي خلاف ڪريڪ  ڊائون جاري

غير قانوني طور رهندڙ افغاني رهواسين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پوليس پاران غيرقانوني افغانين رهاوسين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڊسٽرڪٽ ملير ۽ سينٽرل پوليس ڪاررواين دوران غير قانوني رهندڙ افغانين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. تفصيل موجوب ملير ڪينٽ پوليس 2، قائد آباد پوليس 3 ۽ اجمير نگري پوليس به غير قانوني طور رهندڙ ٽن افغانين کي گرفتا ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار افغانين جي خلاف فارم ايڪٽ 1946 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو