ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پوليس پاران غيرقانوني افغانين رهاوسين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڊسٽرڪٽ ملير ۽ سينٽرل پوليس ڪاررواين دوران غير قانوني رهندڙ افغانين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. تفصيل موجوب ملير ڪينٽ پوليس 2، قائد آباد پوليس 3 ۽ اجمير نگري پوليس به غير قانوني طور رهندڙ ٽن افغانين کي گرفتا ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار افغانين جي خلاف فارم ايڪٽ 1946 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










