اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف غير قانوني نڪاح ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج قدرت الله گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.عدالت عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي 20 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.درخواستگذار جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان نڪاح جي وقت بشرا بي بي جي عيد مڪمل نه ٿي هئي.پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور ۾ شادي ڪئي پر ٻئي بني گالا ۾ ئي رهندا هئا، ٻنهي پهرين شادي کانپوءِ گهڻو وقت بني گالا ۾ گذاريو.










