غير رجسٽرڊ ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪاروائي، ڏنڊ

غير رجسٽرڊ ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪاروائي، ڏنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ اسلام آباد پاران غير رجسٽرڊ، غير اسپيشل نمبر پليٽ يا ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪري سخت ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.ايڪسائيز کاتي اسلام آباد ۾ غير رجسٽرڊ گاڏين، غير نمونن جي نمبر پليٽن واري گاڏين، ڪاري شيشي واري گاڏين، فليش يا پوليس لائيٽن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته سخت ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ سخت ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته علائقي جي لحاظ کان گاڏين کي به نه بخشيو پيو وڃي. ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ هڪ هزار سي سي جي گاڏي تي 5 هزار رپيا، هڪ هزار کان 2 هزار سي سي جي گاڏي تي 10 هزار رپيا ۽ 2 هزار سي سي کان مٿي واري گاڏي تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري رهيو آهي.ان حوالي سان ڊائريڪٽر ايڪسائيز بلال اعظم جو چوڻ آهي ته ڪابه سفارش يا دٻاءُ قبول نه ڪيو پيو وڃي، ڏنڊ جي ادائيگي تائين گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪئي پئي وڃي.ڊائريڪٽر ايڪسائيز بلال اعظم وڌيڪ چيو ته چيف ڪمشنر جي نوٽيفڪيشن موجب جيڪڏهن ٻيو ڀيرو قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پنج ڀيرا وڌيڪ ڏنڊ وڌو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو