ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران ڪاروائيون تيز ڪندي شهر مان غير قانوني طور تي پاڻي چوري ڪري مختلف علائقن ۾ ٽينڪرز وسيلي وڪرو ڪندڙ جوابدارن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ عبدالواحد شيخ ٻڌايو تہ جوابدار واٽر بورڊ جون لائينون غير قانوني طور تي ليڪ ڪري، زير زمين پاڻي ٽينڪ ۽ اوپن تلائن ۽ کڏن ۾ جمع ٿيل آلوده پاڻي ٽينڪرز ذريعي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا ھئا، انهن پاڻي چورن ۽ ٽينڪر مافيا خلاف گڏاپ ٽائون ضلعي ملير ۽ اورنگي ٽائون ضلعي ويسٽ آپريشن ڪيو ويو، ڪاروائي دوران ضلعي ملير ۾ 4 جوابدار امجد خان ولد گل مختار خان، عالم زيب ولد محمد رئوف، شاد علي ولد ڪائنات خان، ڪاشف ولد رياست خان 5 ٽينڪرز نمبر TAN-314، PP- 2016، QIB-2527، TTC- 587, Z-6085، جڏهن تہ ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ 1 جوابدار رياض ولد انور 2 ٽينڪر نمبر JT- 8347 اور JP-9057 سميت گرفتار ڪري کين لاڳاپيل گڏاپ سٽي ٿاڻي ۽ پاڪستان بازار ٿاڻي تي جوابدارن خلاف پاڻي چوري جي نئين قانون تحت ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، ان موقعي تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نه آهن، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي آپريشن جو دائرو شهر جي مختلف علائقن تائين وڌايو ويندو.










