اسلام آباد(بيورو)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر به آسٽريلوي رانديگر مارڪوس اسٽونز کي غير قانوني بالنگ ايڪشن تجويز ڪرڻ تي رنگي هٿ ڪيو.ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شعيب اختر جو چوڻ آهي ته انگلينڊ ۾ دي هينڊرڊ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران حسنين جي بالنگ ايڪشن بابت اسٽوئنز جو اشارو شرم جوڳو هو.شعيب اختر مارڪس اسٽوئنز کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي اهڙي جرئت ڪيئن ٿي ۽ ان حوالي سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) به خاموش آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن رانديگر کي ڪليئر قرار ڏنو وڃي ته ڪنهن کي به حق ناهي ته هو اهڙا اشارا ڪن.










